ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پشاور يونيورسٽي ۾ ريسرچ اسڪالر سهيل احمد سنڌي شاگردن کي صلاح ڏني آهي ته اهي اهي پشاور يونيورسٽي ۾ ڪوٽا تحت داخلا وٺن.
پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ سهيل احمد ڄاڻايو ته پشاور يونيورسٽي ۾ سنڌين جي داخلا لاءِ ڪوٽا رکيل آهي ۽ هر سال سيٽون رهجي وينديون آهن، ڇو ته اپلاءِ ڪندڙ سنڌي شاگردن جو انگ تمام گهٽ هوندو آهي.
سندس موجب يونيورسٽي ۾ 42 کان وڌيڪ ڊپارٽمينٽ آهن، پنهنجي مرضي سان ڪنهن به ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا وٺي سگهجي ٿي، داخلا لاءِ ڪامپيٽيشن به نه هوندو، ڇو ته سنڌ جي ڪوٽا تحت گهٽ ماڻهو اپلاءِ ڪندا آهن.
هن صلاح ڏني ته سنڌي شاگرد وقت ضايع ڪرڻ بدران پشاور يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ اپلاءِ ڪن، ماحول بهترين آهي، استاد سٺا آهن، هاسٽل جي سهولت به آهي.
peshawar peshawaruniversity awamiawaz