ذوالفقار علي ڀٽو معصوم هو، کيس غير آئيني عدالت سزا ڏني: سپريم ڪورٽ جي تفصيلي راءِ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس تي 48 صفحن تي ٻڌل تفصيلي راءِ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀٽو معصوم هو، کيس غير آئيني عدالتن موت جي سزا ڏني، سزا لاءِ شاهديون به اڻ پوريون هيون.
چيف جسٽس طرفان جاري ڪيل راءِ ۾ لکيو ويو آهي ته ريفرنس جي حوالي سان جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس منصور علي شاهه واڌو نوٽ ڏيندا.
راءِ ۾ لکيو ويو آهي ته شفاف ٽرائل بنا معصوم شخص کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو، ذوالفقار علي ڀٽو خلاف جڏهن ڪيس هلايو ويو ته ان وقت عدالتن جي آئيني حيثيت ئي نه هئي، جڏهن ڪيس هلايو ويو ته ان وقت ملڪ ۾ مارشل لا هو ۽ بنيادي حق معطل هئا، جڏهن ته ان وقت جون عدالتون به مارشل لا جون قيدي هيون.
راءِ موجب آمر جي وفاداري جو حلف کڻندڙ جج جون عدالتون عوام جون عدالتون ناهن رهنديون، ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي جي فيصلي جو سڌي ريت فائدو جنرل ضياءَ کي ٿيو، جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي آزاد ڪيو وڃي ها ته هو ضياءُ الحسن خلاف سنگين غداري جو ڪيس هلائي پئي سگهيو.
راءِ ۾ لکيو ويو آهي ته 11 سالن تائين ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ئي نه ٿي سگهيو، اهي سمورا جج جن ريفرنس تي شروعاتي ٻڌڻيون ڪيون، اهي رٽائرڊ ٿي چڪا، جڏهن ته ڪيس ۾ موت جي سزا لاءِ شاهديون اڻ پوريون هيون ۽ ڀٽو خلاف قلم 302 لڳائڻ جون سڌي ريت شاهديون نه هيون.
عدالت لکيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي انهن ڪئي، جن جي ذميواري ان جو تحفظ هو، ڀٽو ڪيس ۾ شفاف ٽرائل جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون، ذوالفقار علي ڀٽو خلاف ڪي سڌي ريت شاهديون موجود نه هيون.
سپريم ڪورٽ لکيو آهي ته ڀٽو خلاف هلايل ڪيس غير شفافيت، غير قانوني ۽ غير آئيني خامين جي نشاندهي ڪري رهيو آهي.

supremecourtofpakistan qazifaezisa zulfiqaralibhutto

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.