اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ چونڊ عذرداري اپيل تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سوال ڪيو ته فارم 47 ڇا آهي ۽ فارم 47 کي قانون ۾ ڇا چيو ويندو آهي؟
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ نون ليگ اڳواڻ اظهر قيوم نارا جي اين اي 81 چونڊ عذرداري بابت اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران وڪيل احسن ڀون چيو ته ٻيهر ڳڻپ ۾ سندس ڪلائنٽ ڪامياب قرار ڏنو ويو، ان تي جسٽس عقيل عباسي چيو ته ريٽرننگ آفيسر ٻيهر ڳڻپ جي درخواست تي آرڊر ناهي ڪيو، ريٽرننگ آفيسر ٻيهر ڳڻپ جو قانون موجب پابند هو، اوهان جي درخواست تي ٻيهر ڳڻپ ريٽرننگ آفيسر کي ڪرڻ گهرجي ها.
ان موقعي تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته فارم 47 ڇا آهي ۽ فارم 47 کي قانون ۾ چا چيو ويندو آهي؟ جنهن تي وڪيل احسن ڀون ٻڌايو ته فارم 47 شروعاتي نتيجو هوندو آهي حتمي نتيجو فارم 47 تي جاري ڪيو ويندو آهي جڏهن ته فارم 47 کي قانون ۾ عارضي نتيجو قرار ڏنو ويو آهي.
جسٽس عقيل عباسي چيو ته جيڪڏهن ريٽرننگ آفيسر ٻيهر ڳڻپ جي درخواست رد ڪري ڇڏي ته ڇا ٿيندو ۽ ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف داد رسي جو فرم ڪهڙو هوندو؟
وڪيل احسن ڀون دليل ڏيندي چيو ته نوَ فيبروري تي ريٽرننگ آفيسر فارم 47 جاري ڪيو ۽ 11 فيبروري تي ريٽرننگ آفيسر تڪ جو فارم 48 پڻ جاري ڪري ڇڏيو، انتظامي آفيسر جي فيصلي خلاف منهنجي ڪلائنٽ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو .
CJfaezisa SC form47 election2024