ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت جي عمارت کي لڳل خوفناڪ باهه تي فائر برگيڊ جي ٽيم هڪ ڪلاڪ جي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آڻي ورتو جڏهن ته ٽريڊنگ بحال ٿي وئي آهي.
فائر برگيڊ اختيارين موجب، ڪراچي ۾ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي واقع پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چوٿين ماڙ تي باهه لڳي وئي جنهن بعد ٽريڊنگ روڪي وئي هئي.
فائر برگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته عمارت ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع ملندي ئي باهه وسائڻ لاءِ فائر ٽيندڙز روانيون ڪيون ويون.
فائر برگيڊ اختيارين موجب، هڪ ڪلاڪ جي جدوجهد بعد عمارت ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو.
فائر برگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لڳل باهه سبب ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو جڏهن ته مالي نقصان ٿيو آهي.
باهه تي ضابطو اچي وڃڻ بعد ٽريڊنگ بحال ٿي وئي آهي……..
Fire PakistanStockExchange Karachi