اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان روينيو ۾ خاطر خواه اضافو نه ڪيو ته ان لاءِ آءِ ايم ايف کان مالي امداد جا پئڪيج وٺڻ تي مجبوري ٿي پوندو. برطانوي جرنل فنانشل ٽائمز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ناڻي واري وزير چيو ته اسان هن مهيني آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ لاءِ پراميد آهيون، پر جيڪڏهن اسان پنهنجي ٽئڪس روينيو ۾ واڌ نه ڪئي ته اهو اسان جو آخري فنڊ پروگرام نه هوندو. هن چيو ته پاڪستان کي ڊگهي مدي جي ترقي ۽ قرضن جي معاملي ڪافي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته 2000ع جي وچ ڌاري پاڪستان جي قرضن ۾ اضافو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت عالمي بانڊ هولڊرز، چين ۽ نار سميت ٻين ملڪن جي قرضن جو هڪ وڏو حصو پئداواري شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ان لاءِ ملڪي ڏيهي پئداوار تي ڀاڙي ٿو، جنهن لاءِ موجوده ۽ جمع ٿيل قرضن جي ادائيگي لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻ تي مجبور آهيون. هن چيو ته اسان کي قرض جي واپسي جي صلاحيت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ، جيستائين هي معيشت ملڪي پئداوار تي ڀاڙيندي رهندي، اسان وٽان ڊالر ختم ٿي ويندا ۽ آخرڪار قرض ڏيندڙن ڏانهن واپس وڃڻو پوندو. ايف بي آر ۾ ڪرپشن جي تاثر بابت ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته ماڻهو ڪرپشن، هراساني ۽ آفيسرن کان اسپيڊ مني لاءِ رقم گهري رهيا آهن، ان لاءِ هو ٽئڪس اٿارٽي سان ڊيل نه ٿا ڪن پر اهو عمل جٽادار نه آهي. محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته مان ماڻهن کي پهچندڙ ڏک محسوس ڪري سگهان ٿو. مان گهٽ ۾ گهٽ بئنڪنگ شعبي ۾ سڀني کان وڌيڪ ٽئڪس ڪس ادا ڪندڙن مان هڪ هئس. هن چيو ته اسان وٽ پنهنجي پروگرام لاءِ پنج سال نه آهن، اسان کي ايندڙ ٻن ٽن مهينن ۾ ڪم ڏيکارڻو ۽ ڊليور ڪرڻو پوندو.
IMF Pakistan MohammadAurangzaib