فوجي قيادت پاران ”ماسٽر ري سيٽ“ پروگرام شروع ڪرڻ جون تياريون

لاهور (معظم فخر) آرمي چيف جنرل عاصم منير وزيراعظم شهباز شريف حڪومت جي مڪمل حمايت ڪندي "ماسٽر ري سيٽ” پروگرام آڻڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون آهن. تازو ئي ٿيل ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ آپريشن  عزم استحڪام بابت حڪمت عملي جوڙي وئي، ڪانفرنس جي پڌرائي ۾ 9 مئي واقعي جي ذڪر نه ڪيو ويو. ڪجهه وقت اڳ چين پاران پاڪستان ۾ غير يقيني واري صورتحال ظاهر ڪيل ڳڻتيءَ کانپوءِ اهو آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ فوج پاران حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جو اعلان حڪومت لاءِ وڏي خوشخبري ليکي وڃي پئي. پاڪ فوج ۾ سيپٽمبر کان نومبر تائين اهم تبديليون ٿينديون ۽ ان کانپوءِ "ماسٽر ري سيٽ” پروگرام تي عمل ڪيو ويندو. ان پلان تحت رياست جي بنيادي ڍانچي ۾ سڌارا آندا ويندا. ذريعن موجب آپريشن عزم استحڪام بابت حڪومت پاران گهرايل ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ عمران خان کي پيرول تي آزاد ڪرڻ، سخت سڪيورٽي ۾ ڪانفرنس ۾ آڻڻ يا وڊيو لنڪ ذريعي سندس شرڪت جا آپشنز غور هيٺ آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 08 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.