پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج،تحريڪ هلائڻ جو الٽيميٽم

ڪراچي ( رپورٽر ) ٽي سال اڳ محرم مهيني ۾ سکر لڳ سنگرار شهر مان 3 اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب آڏو پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي پاران لياقت جلباڻي،سهڻي پارس،مهيش  ڪمار جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو . هنن سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پريا ڪماري کي جلد بازياب نه ڪرايو ويو ته هو ڏهين محرم کان پوءِ باقائده هڪ تحريڪ شروع ڪندا جيڪا پريا ڪماري جي بازيابي تائين جاري رهندي هنن چيو ته پريا ڪماري جي جوڙيل جي آءِ ٽي صرف ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائي رھي آھي صرف دلاسا ڏيندي رھي ٿي. سول سوسائٽي جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن جو دائرو وڌايو ويندو. هنن حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پريا ڪماري کي جلد بازياب نه ڪرايو ويو ته هو ڏهين محرم کان پوءِ باقائده هڪ تحريڪ شروع ڪندا جيڪا پريا ڪماري جي بازيابي تائين جاري رهندي. احتجاجي مظاهري ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن، شاعرن اديبن، صحافين ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.

Priyakumar Priyakumarmissing JusticeforPriyakumari

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.