ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ محرم الحرام 1446 هجري جو چنڊ نظر نه آيو ۽ پهرين محرم الحرام سومر تي هوندي.
مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ڪوئيٽا ۾ ٿيو، جڏهن ته زونل ڪميٽي جا ميمبر مختلف شهرن مان اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.
مولانا عبدالخبير آزاد اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ محرم الحرام جو چنڊ نظر ناهي آيو، پهرين محرم الحرام 8 جولاءِ سومر تي هوندي.
هن ٻڌايو ته عاشوري جو ڏينهن 10 محرم الحرام 17 جولاءِ سومر تي ٿيندي.
muharamulharam abdulkhabeerazad RueteHilalCommittee