ناڻي واري وزير پينشن کي حڪومت تي وڏو بار قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پينشن کي حڪومت تي بار قرار ڏئي ڇڏيو.
ايف پي سي سي آءِ ۾ صنعتڪارن، واپارين کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته پينشن حڪومت تي وڏو بار آهي، وفاقي ڪابينا طرفان پگهارون نه وٺڻ سان ناڻي تي ڪو وڏو فرق ناهي پيو.
هن چيو ته ناڪارا کاتن کي بند ڪرڻ سان خرچ گهٽجندا، پاليسي ريٽ کي هن سال گهٽ ڪيو ويندو، جذباتي تقرير ته هر ڪو ڪري سگهي ٿو پر گرائونڊ تي ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي.

mohammadaurangzeb pmln shahbazsharif

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.