اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف مسعود پز شڪيان کي ايران جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني آهي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڀائپي لاڳاپا آهن، اميد آهي ته اوهان جي قيادت ۾ پاڪ ايران لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، هو خطي جي امن ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.
صدر آصف علي زرداري، مسعود پز شڪيان کي ايران جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڀائپي لاڳاپا آهن.
سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته اوهان جي قيادت ۾ پاڪ ايران لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
صدر آصف علي زرداري چيو ته هو خطي جي امن ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.
ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان کي ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهيان.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان کي ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيان ٿو.
پاڙيسري ملڪن جي حيثيت سان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ويجها ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، اسان کي گڏيل فائديمند سهڪار ذريعي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
Pakistanileaders congratulate MasoudPezeshkian Iran presidentialelection