راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي مقامي عدالت قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي داخل ڪيس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
نصيرآباد ٿاڻي ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي داخل ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور وڪيلن سان گڏ ايڊيشنل سيشن جج فيصل رشيد جي عدالت ۾ پيش ٿيو.
وڪيلن دليل ڏنا ته اپوزيشن اڳواڻ هجڻ سبب علي امين گنڊاپور کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس بدنيتي جي بنياد تي ٺاهيو ويو، هي سياسي نشانو بڻائڻ جو پراڻو مثال آهي.
هنن استدعا ڪئي ته ڪيس ۾ لڳل قلم ضمانت جوڳا آهن، ضمانت منظور ڪئي وڃي.
عدالت 20 هزار رپين جي مچلڪن عيوض علي امين گنڊاپور جي ضمانت منظور ڪندي ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
You might also like