ڪراچي (پ ر) واٽر ڪارپوريشن اختيارين زمين اندر پاڻي جا لائسنس جاري ڪرڻ بابت افواهن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته زمين هيٺ پاڻي جا لائسنس سمورن قاعدن ۽ ضابطن ۽ شفافيت موجب جاري ڪيا ويندا.
اختيارين موجب واٽر ڪارپوريشن جي بورڊ واٽر ڪارپوريشن تحت پاڻي چوري ۽ زمين پاڻي هيٺ ڪڍڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نئين مسودي جي منظوري ڏني هئي، ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن پاران لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ قانون موجب پنج رڪني ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي.
ضابطن موجب زميني پاڻي کي پنجن مختلف ڪيٽگريز ۾ رکيو ويو آهي، ڪيٽيگري اي ۾ انڊسٽريل، ڪيٽيگري بي ۾ گرائونڊ واٽر آپريٽر، ڪيٽيگري سي ۾ ڪمرشل، ڪيٽيگري ڊي ۾ هيلٿ ڪيئر ۽ تعليمي ادارا ۽ ڪيٽيگري اي ۾ رهائشي ڪامپليڪس ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
واٽر ڪارپوريشن زمين هيٺ پاڻي جا لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ 27 جون 2024 تي اخبارن ۾ پبلڪ نوٽيس جاري ڪري پهريون مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي، اخبارن ۾ عوامي نوٽيس جاري ٿيڻ کانپوءِ واٽر ڪارپوريشن مان هن وقت تائين 36 درخواست فارم وصول ڪيا ويا آهن، جنھن ۾ اي ڪيٽيگري ۾ 7 ۽ بي ڪيٽيگري ۾ 29 شامل آهن.
درخواست جي پروسيسنگ فيس 25 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا پي آرڊر جي صورت ۾ وصول ڪئي پئي وڃي، ڪيٽيگري اي لاءِ درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 جولاءِ، ڪيٽيگري بي لاءِ 20 جولاءِ ۽ سي، ڊي ۽ اي ڪيٽيگري لاءِ 10 آگسٽ 2024 مقرر ڪئي وئي آهي، حاصل ڪيل درخواستن تي ضابطن موجب تفصيلي جائزو ورتو ويندو.
اختيارين موجب اھڙي ڪنهن به آپريٽرز کي زمين هيٺ پاڻي جو لائسنس جاري نه ڪيو ويندو، جنهن خلاف ماضي ۾ ڪا ايف آئي آر يا ڪو ڪيس داخل ڪيو ويو هجي، هڪ خاص اسڪواڊ جوڙيو ويو آهي جنهن جو مقصد ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ زير زمين پاڻي جي غير قانوني استعمال ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ آھي، جنهن تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا ۽ ڏنڊ پڻ لڳايو ويندو.
You might also like