ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي بنگلاديشي ڪرڪيٽر نفيس اقبال برين هيمريج جو شڪار ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اڳوڻي ڪرڪيٽر نفيس اقبال کي ڪجهه ڏينهن اڳ مٿي ۾ سور جي شڪايت ٿي، گذريل ڏينهن طبعيت بگڙجڻ تي کيس اسپال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن منجهس برين هيمريج جي نشاندگي ڪئي.
بي سي بي موجب، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نفيس اقبال جي رڳن ۾ ڪٿي ڪٿي رت ڄميل آهي، سندس صحت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي ۽ هاڻ هو خطري کان ٻاهر آهي.
بي سي بي جو چوڻ آهي ته نفيس اقبال جو علاج هلندڙ آهي ۽ کيس ڪجهه ڏينهن اڃا اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ رهڻو پوندو.
واضح رهي ته نفيس اقبال 11 ٽيسٽ 16ون ڊي ميچن ۾ بنگلاديش جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
You might also like