مهانگائي سٽيل عوام لاءِ بجلي وڌيڪ 3 رپيا 33 پئسا مهانگي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي عوام مٿان هڪ ٻيو بجلي جو بم ڪيرائي ڇڏيو، نيپرا بجلي 3 رپيا 33 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي.

نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ مئي جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي واهپيدارن کان واڌو اوڳاڙيون جولاءِ جي بلن ۾ ڪيون وينديون، اگهن ۾ واڌ لائيف لائين ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه هوندي.

سي پي پي اي مئي جي ايڊجسٽمينٽ ۾ في يونٽ 3 رپيا 41 پئسن جو واڌ جو مطالبو ڪيو هو.
Nepra Govt Public

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.