اسلام آباد انتظاميا پي ٽي آءِ جلسي جي اجازت رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي جو اين او سي معطل ڪيو ويو آهي.
چيف ڪمشنر اسلام آباد جي صدارت هيٺ محرم الحرام ۽ ٻين سيڪيورٽي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪيورٽي ادارن جي آفيسرن به شرڪت ڪئي.
ضلعي انتظاميا موجب هڪ سياسي جماعت دعوت باوجود اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي، اجلاس ۾ جلسي بابت درخواستن جو جائزو ورتو ويو.
انتظاميا جو چوڻ هو ته ڊي سي طرفان ڏنل اجازتنامي جو هاڻوڪي سيڪيورٽي خدشن کي مدنظر رکندي نئين سر جائزو ورتو ويو، جنهن بعد چيف ڪمشنر اسلام آباد ڊپٽي ڪمشنر اين او سي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

Islamabad PTI ImranKhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.