هڪ سال اندر ٿريڊز واهپيدارن جو انگ 17 ڪروڙ ٿي ويو

ميٽا 5 جولاءِ 2023ع تي ايڪس جي متبادل پنهنجو سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٿريڊز متعارف ڪرايو هو.
هاڻي ٿريڊز کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي ۽ 12 مهينن دوران ان جي واهپيدارن جو انگ 17 ڪروڙ کان به وڌي ويو آهي.
اهو اعلان ميٽا جي چيف ايگزيڪيٽو مارڪ زڪربرگ ٿريڊز کي هڪ سال پورو ٿيڻ تي ڪيو، پر ميٽا طرفان اهو ناهي ٻڌايو ويو ته انهي پليٽفارم کي روزانو ڪيترا ماڻهو استعمال ڪندا آهن.
هڪ رپورٽ موجب هاڻي انسٽاگرام کان ئي نوان واهپيدارن ٿريڊز جو رخ ڪندا آهن، ڇو ته ٻنهي ايپس جو هڪ جهڙو ئي اڪائونٽ سسٽم آهي ۽ ان ۾ تبديلي جو امڪان آهي.
ياد رهي ته پهرين پنجن ڏينهن ۾ ئي واهپيدارن جو انگ 10 ڪروڙ تائين پهتو هو پر ماڻهن جي آهستي آهستي ماڻهن جي دلچسپي ختم ٿي وئي.

Meta Threads Instagram

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.