وزير اعظم جي دوري بعد واپار ۽ سيڙپڪاري جا مامرا اڳتي وڌيا آهن:عطا تارڙ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌسماءُ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته وزير اعظم شهباز شريف جي تاجڪستان ۽ قازقستان جي دوري جي موقعي تي شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ٿيون، ان دوران واپار جو کاٿو ۽ سيڙپڪاري وڌڻ جي حوالي سان معاملا اڳتي وڌيا آهن.
وفاقي وزير عطا تارڙ جو اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڻ هو ته وزير اعظم تاجڪستان ۽ قازقستان جا دورا ڪامياب رهيا، تاجڪستان ۾ پاڪستاني وفد کي پذيرائي ملي.
وفاقي وزير ٻڌايو ته وزير اعظم جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ايئرپورٽ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون ٿيون، لينڊ روٽس، ريل روٽس جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ٿي هئي.
هن جو چوڻ هو ته وزير اعظم هر پاڪستاني شهري جي دل جي آواز اٿاري آهي، فلسطين ۾ ظلم جا پهار ڪيرايا پيا وڃن وزير اعظم دليري سان پاڪستان جو موقف دنيا آڏو رکيو، جيڪا تمام وڏي ڪاميابي آهي.
Pakistan AttaTarar FederalGovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.