اردو يونيورسٽي جي ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ تي سينيٽر بليدي جو صدر کي خط

ڪراچي ( پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ پگهارن ۽ پينشن جي عدم ادائيگي تي سينيٽر جان محمد بليدي صدر آصف علي زرداري کي خط لکي ڇڏيو.
سينيٽ آف پاڪستان ۾ بلوچستان جي نمائندي سينيٽر جان محمد بليدي صدر ۽ يونيورسٽي جي چانلسر آصف علي زرداري کي خط لکي اردو يونيورسٽي ۾ مهينن کان پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ وارو مسئلو ترت حل ڪرڻ جي مطالبو ڪيو آهي.
خط ۾ لکيو ويو آهي ته يونيورسٽي وٽ پينشن ۽ جي پي فنڊ ۾ وڏي رقم موجود آهي جنهن ذريعي مختلف اسڪيمن ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي، پر يونيورسٽي انتظاميا رٽائرڊ استادن ۽ ملازمن کي پينشن ۽ رهتون ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
خط جي متن موجب، 50 کان وڌيڪ استادن ۽ ٻيا ملازم پنهنجي رهتن جي ادائيگي جا منتظر آهن، پر يونيوسٽي انتظاميا سيڙپڪاري يا ان جي ڪنهن حصي کي ختم ڪرڻ کان مسلسل انڪار ڪري رهي آهي، يونيورسٽي جا هڪ هزار کان وڌيڪ ملازمن پگهارن کان محروم آهن.
سينيٽر جان محمد پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته وفاقي اردو يونيورٽي جي استادن ۽ رٽائرڊ ملازن کي عيد الفطر ۽ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي به پگهارون ادا نه ڪيو ويون، اڳوڻي صدر ۽ يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ڪاروباري دوستن کي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ ۾ شامل ڪيو ۽ نئين وائس چانسلر جي مقرري پنهنجي صدارتي مدي جي آخري ڏينهن دوران تڙ تڪڙ ۾ ڪيو.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڳوڻي چانسلر وفاقي ارودو يونيورسٽي لاءِ اڳوڻي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ آف پاڪستان طرفان منظور ڪيل قانون کي بنا ڪو جواز ڄاڻائيندي قومي اسيمبلي ڏانهن واپس موڪلي ڇڏيو. اڳوڻي صدر جي دور ۾ اردو يونيورسٽي جي انتظامي بحران ۾ اضافو ٿيو جيڪو اڄ سنگين صورت اختيار ڪري چڪو آهي.
خط ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته موجودا وائس چانسلر يونيورسٽي جي انتظامي آفيس ۾ موجود ناهي هوندو ۽ گذريل چئن مهينن ۾ مشڪل سان ڪجهه ڏينهن يونيورسٽي ۾ موجود رهيو آهي، سندس گهڻي ڀاڱي وقت پرڏيهي دورا ڪندي گذريو آهي، سندس مسلسل غير حاضري سبب يونيورسٽي ۾ انتظامي مسئلن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. چئن مهينن جي عرصي دوران ٽي رجسٽرار تبديل ڪري چڪو آهي.
سينيٽر جان محمد بليدي پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته گذريل بارنهن سالن دوران يونيورسٽي ۾ نه ته جو ڪنووڪيشن منعقد ٿيو ۽ نه ئي ڪنهن وائس چانسلر يونيورسٽي جي سينيٽ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جي سالياني رپورٽ جمع ڪرائي، گذريل 20 سالن دوران يونيورسٽي ۾ 19 وائس چانسلر موجود رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.