پاڪستان شوبز انڊسٽري جي واسطو رکندڙ اداڪارا ۽ ميزبان مشي خان بجلي جي ڳرن بلن خلاف نه صرف حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو گڏوگڏ هن فنڪارن تي تنقيد ڪئي آهي.
فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪارا وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن ساٿي فنڪارن کان مايوسي جو اظهار ڪيو.
اداڪارا مشي خان جو چوڻ هو ته اسانجو ملڪ هڪ ڏکي وقت مان گذري رهيو آهي، عوام بجلي جا ڀرڻ خاطر قيمتي شيون ايتري قدر پنهنجا عضوا وڪرو ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي.
هن ساٿي اداڪارن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اهڙي ماحول ۾ ڪجهه ماڻهو بجلي ڪمپنين کان ڳرا معاوضا وٺي اشتهارن ۾ مهم هلائي رهيا آهن.
اداڪارا ٻڌايو ته فنڪارن جو ضمير سمهي پيو آهي، جيڪي ٿورڙي معاوضي خاطر وڪرو ٿي وڃن ٿا، انهن کي عوام سان گڏ بيهي بجلي ڪمپنين جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي.
Pakistan Showbiz MishiKhan
You might also like