لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم سڄي دنيا ۾ وڏي اهميت جو حامل هودنو آهي، پر هن اهم عهدي جي پگهار به دلچسپي ۽ حيرانگيءَ جو سبب بڻجي رهي آهي.
برطانوي پارليامينٽ برطانوي وزيراعظم لاءِ سالياني پگهار جي صورت ۾ 17,153 پائونڊ مختص ڪندي آهي، جيڪي 6 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب وزيراعظم جي حيثيت ۾ کيس 80 هزار 807 پائونڊ ڏنا وڃن ٿا، جيڪي 2 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزير اعظم کي اضافي 91 هزار 346 پائونڊ ايم پي ايز جي حيثيت ۾ ڏنا وڃن ٿا، جيڪي 30 ملين پاڪستاني کان وڌيڪ ٿين ٿا، اهڙيءَ ريت ٻئي رقمون گڏجي 6 ڪروڙ کان وڌيڪ ٿي وڃن ٿيون.
حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته هڪ لک 72 هزار 153 پائونڊن مان برطانوي وزيراعظم رڳو 75 هزار 440 پائونڊ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو، جيڪا 26.8 ملين پاڪستاني رپين کان وڌيڪ آهي.
برطانوي وزيراعظم به عام ماڻهوءَ وانگر ٽيڪس ۽ قومي انشورنس جي ادائيگي ڪندو آهي.
BirtishPM PrimeMinister Information
You might also like