لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانيا جي عام چونڊن جي غير سرڪاري نتيجن موجب ليبر پارٽي ڪاميابي حاصل ڪندي ڪنزرويٽو پارٽي جي 14 سالا اقتدار جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي.
برطانيا ۾ عام چونڊن کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي جتي 650 مان 648 سيٽن جا نتيجا سامهون آيا آهن ۽ ليبر پارٽي 412 سيٽون کٽي چڪي آهي، جڏهن ته ڪنزرويٽو 121 ۽ لبرلز 71 سيٽون حاصل ڪيون آهن.
حڪومت سازي لاءِ پارليامينٽ جي 650 سيٽن مان 326 سيٽون گهربل هونديون آهن ۽ ليبر پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي.
ڪنزرويٽو پارٽي جي اڳواڻ وزيراعظم رشي سونڪ چونڊن ۾ شڪست جو اعتراف ڪندي ليبر پارٽي جي اڳواڻ اسٽارمر کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو چونڊن ۾ شڪست جي ذميواري قبول ڪري ٿو.
هن چيو ته برطانوي عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي چڪو آهي، اڄ پر امن ۽ منظم انداز ۾ اقتدار جي تبديلي ٿيندي، هي اِها شئي آهي جيڪا اسان کي پنهنجي ملڪ جي استحڪام ۽ مستقبل ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ڪرڻ گهرجي.
رشي سونڪ چيو ته چونڊ نتيجن ذريعي اسان وٽ سکڻ ۽ غور ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي ۽ مان شڪست جي ذميواري قبول ڪيان ٿو.
برطانوي سياست تي گهري نظر رکندڙ تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته برطانيا ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ سياسي عدم استحڪام دوران پنج وزيراعظم جي تبديلي کي ڪنزرويٽو پارٽي جي شڪست جو سبب بڻيو.
ٻئي پاسي ليبر پارٽي جي اڳواڻ اسٽارمر به وڪٽري اسپيچ ڪندي چيو ته هاڻ تبديلي جي شروعات ٿي چڪي آهي، ساڍن چئن ورهين جي ڪوششن کانپوءِ پارٽي ۾ تبديلي آئي ۽ هاڻ هڪ مختلف ليبر پارٽي موجود آهي جيڪا ملڪ جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته نيٺ هن عظيم قوم جي ڪلهن تي پيل بار هٽي چڪو آهي ۽ هاڻ اسان قوم کي اڳتي وٺي وينداسين، گذريل 14 ورهين جي ناڪامي کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري روشن مستقبل جا دروازا کُلندا.
اسٽارمر وڌيڪ چيو ته اسان کي سياست عوامي خدمت لاءِ ڪرڻي آهي ۽ ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي ته سياست هڪ اهڙي طاقت آهي جنهن ذريعي بهتر ڪم ڪري سگهجن ٿا.
You might also like