آپريشن عزم استحڪام: عمران خان جو حڪومتي اي پي سي ۾ شرڪت جو اعلان
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان وفاقي حڪومت طرفان ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو دوران پي ٽي آءِ باني چيو ته پي ٽي آءِ اي پي سي ۾ شرڪت ڪندي ۽ حڪومت جو موقف ٻڌو ويندو.
اڳوڻي وزير اعظم چيو ته عزم استحڪام آپريشن تي اسان جا خدشا موجود آهن، ان آپريشن سان ملڪ ۾ عدم استحڪام وڌندو، نواز شريف، مريم نواز ۽ خواجا آصف جي بيانن جا وڊيوز موجود آهن.
خيبرپختونخواهه جي حڪومت کي چوندس ته وڊيوز ڪڍي سندن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن، ڪنهن به ملڪ ۾ عومي طاقت سان چونڊيل حڪومت ئي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿي
هن چيو ته افغانستان سان اسان جي اڍائي هزار ڪلوميٽر جي سرحد آهي، عزم استحڪام آپريشن تي اسان جا خدشا برقرار آهن، آپريشن سان ملڪ ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويندو.
You might also like