اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) جولاءِ 2024ع کان سڄي ملڪ ۾ بجلي جا نوان اگهه لاڳو ڪيا ويندا.
پاور ڊويزن جي پڌرائي موجب بجلي جي نون اگهن سان اڪثر ماڻهن جي ماهوار بلن تي ٿورو اثر پوندو، حڪومت بجلي جي بلن ۾ واڌ کي گهٽائڻ لاءِ 440 ارب رپيا سبسڊي ڏيندي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 1.68 ملين يا 58 سيڪڙو غريب گهريلو واهپيدارن لاءِ واڌ 2 سيڪڙو کان گهٽ هوندي، امير 42 سيڪڙو واهپيدارن لاءِ 9 سيڪڙو جي سراسري واڌ هوندي.
پاور ڊويزن موجب معيشت جي بهتري سان بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، جون 2024 جي مقابلي ۾ جنوري 2025 تائين سمورن واهپيدارن لاءِ بجلي 3 سيڪڙو سستي ٿيڻ جو امڪان آهي.
You might also like