برمنگهم ( ويب ڊيسڪ ) چيمپيئنز آف ليجنڊز ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان، آسٽريليا کي پنج وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.
برمنگهم ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنز اسڪور ڪيون.
آسٽريليا طرفان ايرون فنچ 68، بين ڊنڪ 27 ۽ فرگوسن 26 رنسون ٺاهي ٺاهي سگهيا.
پاڪستان چيمپيئنز گهربل هدف 20 هين اوور ۾ حاصل ڪيو، ڪپتان يونس خان 63، شعيب ملڪ 23 ۽ صهيب مقصود 21 ٺاهيون.
آسٽريليا خلاف شاندار بيٽنگ تي يونس خان کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
You might also like