اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عدت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي سزا خلاف اپيلن تي هڪ مهيني اندر فيصلو ڏيڻ جي پابندي خلاف خاور مانيڪا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
خاور مانيڪا طرفان اسلام آبا هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ اپيلن تي فيصلي لاءِ هڪ مهيني جي وقت جي پابندي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ مهيني ۾ فيصلو ڏيڻ جي حڪم سبب سيشن ڪورٽ ظاهري طور دٻاءُ ۾ لڳي رهي آهي، اپيلن تي فيصلي لاءِ مقرر ڪيل وقت جي پابندي جو حڪم واپس ورتو وڃي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 13 جون تي عدت ڪيس جي اپيل جو هڪ مهيني اندر فيصلو ڪرڻ ۽ سيشن ڪورٽ کي 10 ڏينهن ۾ سزا معطلي جي درخواست تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
You might also like