ڪينسر سان جهيڙيندڙ اداڪارا مٿي جا وار ڪوڙائي ڇڏيا

 

ڀارتي مشهور اداڪارا حنا خان ڪجهه ڏينهن پهريان ڇاتي جي ڪينسر اسٽيج ٿري ۾ مبتلا ٿي هئي.

36 ورهين جي حنا خان پنهنجي پرستارن ۽ چاهيندڙن کي انهي ڏکوئيندڙ خبر جي حوالي سان انسٽاگرام ذريعي آگاهه ڪيو هو.

هاڻي اداڪارا حنا خان پنهنجي انسٽاگرام تي نئين وڊيو شئير ڪئي آهي، جنهن کي ڏسي مداح به روهاڻڪا ٿي ويا، وڊيو ۾ اداڪارا کي مٿي جا وار ڪوڙائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

چيو پيو وڃي ته حنا خان اهو فيصلو ڪيمپيو ٿراپي کان پهريان گهربل قاعدن تحت ڪيو، سندس امڙ ڪينسر سان جهيڙيندڙ ڌيءَ جي اهڙي فيصلي تي جذباتي نظر آئي.

حنا خان پنهنجي پوسٽ ۾هڪ ڊگهو ڪيپشن لکيو ته منهنجي امڙ ڪشميري ٻولي ۾ مونکي دعائون ڏئي رهي آهي، مون هار مڃڻ بدران ڪاميابي جي رستي کي چونڊيو آهي.
India BollyWood Actress

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.