جوهي ڀرسان مسافر ڪوچ حادثي جو شڪار، عورتن سميت 30 کان وڌيڪ زخمي

جوهي (رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو) جوهي ڀرسان مسافر ڪوچ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن سميت 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
لجپال ڪوچ جوهي کان حيدرآباد وڃي رهي هئي ته جوهي لڳ رستماڻي موري وٽ ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري حادثي جو شڪار ٿي وئي.
حادثي ۾ عورتن سميت 30 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي جوهي پهچايو ويو، جتان ڪجهه جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي هجڻ سبب کين سيوهڻ، دادو ۽ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

johi hyderabad dadu

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.