اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آذربائيجان جو صدر الهام عليوف ايندڙ هفتي پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو، کيس دوري جي دعوت وزيراعظم شهباز شريف باڪو جي دوري دوران ڏني هئي.
آذربائيجان جو صدر هن مهيني جي 12هين تاريخ تي پاڪستان پهچندو، هو صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو.
صدر الهام عليوف وزيراعظم سان به ملندو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير به پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪندا.
pakistan shahbazsharif azerbaijan