فيسبڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي سرپرست ڪمپني ميٽا پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارمز تي عربي لفظ شهيد جي استعمال تي لڳايل پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
شهيد اهو لفظ آهي ته جنهن جي استعمال ٿيل پوسٽس کي ايپس مان ڊليٽ ڪيو ويندو آهي، ڪمپني طرفان قائم ڪيل نگران بورڊ طرفان اها پابندي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽ انهي پاليسي کي نرم ڪيو پيو وڃي.
مارڇ 2024 ۾ ميٽا جي اوور سائيٽ بورڊ طرفان ڪمپني کي هدايت ڪئي وئي هئي ته شهيد لفظ تي پابندي سان لکين واهپيدارن جي اظهار جي آزاديءَ کي غيرضروري طور تي دٻايو پيو وڃي.
بورڊ طرفان چيو ويو هو ته ميٽا جي هاڻوڪي پاليسي غيرضروري آهي ۽ لفظ جي استعمال تي پابندي ختم ڪئي وڃي، ڪمپني طرفان هاڻي لفظ شهيد تي صرف پرتشدد مواد کي ايپس مان هٽايو ويندو.
Meta Facebook Instagram
You might also like