چيو ويندو آهي ته پهريون تاثر ئي آخري تاثر هوندو آهي، ۽ آنلائن لاءِ ته اهو وڌيڪ اهم هوندو آهي ۽ پروفائل فوٽوز ئي سڀ کان پهريان ماڻهو ڏسندا آهن.
جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي ڪا تازي تصوير پسند ناهي ته انهي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهيو ٿا ته واٽس ايپ جو نئون فيچر انهي حوالي سان مددگار ثابت ٿيندو.
واٽس ايپ ۾ آرٽيفيشل انٽليجنس ٽيڪنالاجي جي هڪ نئين فيچر جي واڌ ڪئي پئي وڃي ته جيئن منفرد پروفائيل تيار ڪري سگهجن.
رپورٽ موجب اهو فيچر واٽس ايپ جي اينڊرائڊ بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، فيچر لاءِ ميٽا اي آءِ جي اميجن اسسٽنٽ کي استعمال ڪيو ويندو.
هاڻي تائين اميجن ذريعي واٽس ايپ ۾ اي آءِ تي ٻڌل تصويرن کي تيار ڪيو ويندو آهي، پر هاڻي انهي کي پروفائيل فوٽوز تيار ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
بس اوهان کي اي آءِ اسسٽنٽ کي تحريري هدايتون ڏئي ٻڌائڻو هوندو ته اوهان ڪهڙي ريت جا پروفائيل فوٽو چاهيو ٿا، انهي بعد واٽس ايپ جو اسسٽنٽ اوهان کي اهڙي تصوير تيار ڪري ڏيندو جيڪا صرف اوهان لاءِ هوندي.
Whatsapp technology newfeature
You might also like