ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ريلوي پوليس اهلڪار جي حاضر دماغي مسافر جي حياتي بچائي ورتي، مسافر پنهنجي وڊيو بيان ۾ پاڪستان ريلوي ۽ پوليس جا ٿورا مڃيا.
ڪراچي کان لاهور ويندڙ پاڪ بزنس ايڪسپريس لانڍي ريلوي اسٽيشن تي غير امڪاني اسٽاپ ڪيو، ڇو ته ان ريل گاڏي جو لانڍي ۾ اسٽاپ ناهي هوندو.
پاڪ بزنس ايڪسپريس جي لانڍي اسٽيشن تي اسٽاپ ڪرڻ تي سهيل نالي مسافر ريل گاڏي تان لهي اسٽال تان پاڻي وٺڻ ويو پر هو اسٽال تي پهتو ئي هو ته ٽرين هلي پئي.
مسافر ڊڪندي هلندڙ ٽرين تي سوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران سندس هٿ ڇڏائجي ويو، سهيل ٽرين هيٺان اچڻ وارو ئي هو ته ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار سندس مدد لاءِ پهتو.
ڊيوٽي تي موجود ريلوي پوليس جي ڪانسٽيبل مجاهد بٽ فوري طور حڪمت عملي تحت مسافر کي هيٺ ڪِرڻ کان بچائيندي کيس مٿي ڇڪي ورتو، ان دوران مسافر جا ڪپڙا به ڦاٽي پيا ۽ سندس جوتو ڪِري پيو پر پوليس اهلڪار سندس حياتي بچائڻ ۾ ڪامياب رهيو.
ان دوران ٽرين به روڪي وئي ۽ مسافر سهيل کي خيريت سان ٻيهر ٽرين ۾ سوار ڪيو ويو.
پوءِ مسافر ٽرين مان وڊيو پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن پاڪستان ريلوي ۽ پوليس جا ٿورا مڃيا.
karachi landhi pakistanrailways