ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن پنج جولاءِ جي صبح ڇهه وڳي کان سموري ملڪ ۾ پيٽرول پمپس بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر عبدالسميع خان اعلان ڪندي چيو ته هڙتال جو دائرو هڪ ڏينهن کان وڌي به سگهي ٿو، ڊيلرز چار جولاءِ تائين جو پيٽرول پمپس تي رکن.
هن چيو ته سڀاڻي رات کان سموري ملڪ ۾ پمپس ڊراءِ ٿيڻ شروع ٿي ويندا، جيستائين حڪومت مطالبا نٿي مڃي تيستائين ڳالهيون نه ٿينديون، سموري ملڪ ۾ 14 هزار ڊيلرز پنهنجا پمپ پنج جولاءِ کان بند ڪري ڇڏيندا.
هن شهرين کي اپيل ڪندي چيو ته هو پنهنجي گاڏين ۾ پيٽرول ڀرائي ڇڏين.
عبدالسميع خان ناڻي واري وزير، چيئرمين ايف بي آر ۽ چيئرمين اوگرا سان ملاقاتون ٿيون آهن پر ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿيڻ سبب هڙتال ڪري رهيا آهيون، ڊبل ٽيڪسٽيشن آئين جي ڀڃڪڙي آهي.
You might also like