ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ باوجود گرمي نه گهٽي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گرمي جي شدت نه گهٽي ۽ ٻٽ برقرار آهي.
ڪراچي شهر ۾ موسم جهڙالي آهي ۽ سامونڊي هوائون به بحال ٿي ويون پر گرمي جي شدت نه گهٽجي سگهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر جو گرمي پد هن وقت 35 ڊگري سينٽي گريڊ آهي، جڏهن ته ان جي شدت 40 ڊگري تائين محسوس ڪئي پئي وڃي.
موسميات کاتي موجب هوا ۾ گهم جي شرح 65 سيڪڙو آهي، جنهن سبب ٻٽ برقرار آهي.

karachi weatherupdate weather

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.