ڇوڪرين کي محبت نه پر عيش ۽ آرام جي ڳولا هوندي آهي: آغا علي

پاڪستاني مشهور اداڪار،ميزبان، ماڊل ۽ فنڪار آغا علي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڇوڪريون محبت نه صرف عيش ۽ آرام جي تلاش ۾ هونديون آهن.
اداڪار آغا علي گذريل ڏينهن نجي ٽي وي جي مزاحيا شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، ان دوران هن پنهنجي ڪيرئير ۾ ڪئي ويندڙ سخت محنت ۽ جدوجهد بابت ڳالهايو.
شو دوران آغا علي جو راءِ ڏيندي چوڻ هو ته اڄڪلهه جي ڇوڪرين کي پيار يا محبت جي ضرورت ناهي هوندي، اهي صرف عيش ۽ آرام جي ڳولا ۾ هونديون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته انهي ڪري مان هر مرد کي چوندون آهيان ته پهريان پئسا ڪمائي وٺو بعد ۾ عشق ۽ محبت جي ڳالهيون ڪيون.
آغا علي جو شو دوران هڪطرفي محبت تي ڳالهائيندي وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙي قسم جي محبت ان وقت ڪرڻ گهرجي جڏهن ٻيون فرد دنيا ۾ موجود نه هجي.
Pakistan AghaAli Girls

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.