نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي ۾ جولاءِ ۾ معمول کان وڌيڪ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب نئين دهلي ۾ کنوڻ، گجگوڙ ۽ طوفان سان گڏ تيز برسات جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته برهم پترا درياهه ۾ پاڻي جي سطح وڌي رهي آهي، آسام ۽ آروناچل پرديش جي علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي.
آسام ۽ آروناچل پرديش ۾ ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ 35 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته آسام ۾ ٻوڏ سان 19 ضلعا متاثر ٿيا ۽ آروناچل پرديش ۾ 6 جولاءِ تائين اسڪول بند رکيا ويا آهن.
هوڏانهن بهار رياست ۾ کنوڻ ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.
You might also like