اتر پرديش ۾ مذهبي تقريب ۾ ڀاڄ، 116 ڄڻا فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ هندو مذهبي تقريب ۾ ڀاڄ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 116 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.
هندو مذهبي تقريب ست سنگ پوجا ضلعي هاٿرس جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ هڪ ميدان ۾ رٿي وئي هئي.
ڀارتي اختيارين موجب تقريب جي پڄاڻي تي هڪ ئي وقت نڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
رپورٽن موجب اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته تقريب ۾ اٽڪل 50 هزار ماڻهو موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.