دڙو (رپورٽ: منٺار ٺاراڻي) دڙي ويجهو هڪ هفتي کان گم نوجوان پورهيت جو پتو نه پئجي سگهيو، جنهن سبب سندس وارث پريشاني ۾ مبتلا آهن.
عيد گاھه ڀرسان ڳوٺ مريد سولنگي واسي نوجوان پورهيت احمد علي سولنگي هڪ هفتي کان پراسرار نموني گم ٿي ويو، وارثن پاران ڳولا باوجود نوجوان جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، جنهن ڪري سندس وارث سخت پريشان ٿي ويا آهن.
گم ٿيل نوجوان جي وارثن مهراڻ سولنگي، ابو سولنگي ۽ ٻين ٻڌايو ته احمد علي سولنگي مزدوري ڪندو هو، سندس ذهني حالت به درست ناهي، ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.
thatta sindh awamiawaz