باربيڊوس ( ويب ڊيسڪ ) سامونڊي طوفان سبب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فاتح ڀارتي ٽيم باربيڊوس ۾ ڦاسي پئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، باربيڊوس ۾ چوٿين درجي جي طوفان ” بيريل “ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي باربيڊوس جو هوائي اڏو بند ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اهو ٻيو شديد ترين طوفان آهي، باربيڊوس ۾ ڪرفيو وارو ماحول آهي ۽ ڪنهن کي به ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ناهي.
طوفان جي ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن اندر باربيڊوس جي سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
باربيڊوس ۾ هلڪي برسات جو سلسلو پڻ جاري آهي، ڀارتي ٽيم هوٽل اندر موجود آهي ۽ هوٽل جو اسٽاف به تمام گهٽ انگ ۾ موجود آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) باربيڊوس ۾ ڦاٿل ٽيم لاءِ چارٽرڊ فلائيٽ جو بندوبست ڪري رهيو آهي، مقامي موسميات کاتي موسم جي صورتحال ۽ طوفان جي شدت بابت ايندڙ چويهه ڪلاڪ انتهائي اهم قرار ڏنا ويا آهن.
IndianCricketTeam BCCI T20Worldcup2024 Final