ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فرسٽ ايئر ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن لاءِ وڏي خبر اچي وئي، داخلائن لاءِ نوان قاعدا ۽ ضابطا جاري ڪيا ويا آهن.
سڄي سنڌ ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلائن جي شروعات ٿي وئي ۽ داخلائن لاءِ نوان قاعدا ۽ ضابطا جاري ڪيا ويا آهن.
نئين پاليسي تحت داخلائون نائين جماعت جي نتيجن جي بنياد تي ڏنيون وينديون، رڳو اي ون ۽ اي گريڊ وارن شاگردن کي اوپن ميرٽ جي بنياد تي داخلا ملندي.
نئين پاليسي تحت ڪراچي ۾ هن سال ڪاليج زون جو نظام جاري رهندو، جنهن سان شاگردن کي پنهنجي ويجهن ڪاليجن ۾ داخلا وٺڻ جي پابندي هوندي ۽ رڳو اي ون ۽ اي گريڊ وارا شاگرد ڪنهن به ڪاليج ۾ داخلا لاءِ درخواست ڏئي سگهندا.
ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز موجب شهر جي سرڪاري ڪاليجن کي 7 زون ۾ ورهايو ويو آهي، 70 سيڪڙو داخلائون زون ۽ 30 سيڪڙو اوپن ميرٽ تي ڏنيون وينديون.
سندس چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ ٻه لک 67 هزار 87 اميدوارن کي داخلائون فراهم ڪيون وينديون ۽ ڪلاسن جي شروعات 5 آگسٽ کان ڪئي ويندي.
sindh ppp karachi