دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ٽيم آف ٽورنامينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جي فائنل اليون ۾ فائنلسٽ ڏکڻ آفريڪا جو ڪو به رانديگر شامل ناهي، فائنل اليون ۾ ڀارت جا ڇهه، افغانستان جا ٽي جڏهن ته ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جو هڪ، هڪ رانديگر شامل آهي.
ڀارت جي روهت شرما ورلڊ ڪپ ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ ڀارت جي سوريا ڪمار يادو، هاردِڪ پانڊيا، اڪشر پٽيل، جسپريت بمرا ۽ ارشد سنگهه به ٽورنامينٽ جي بهترين ٽيم جو حصو آهن.
افغانستان جو رحمان الله گرباز، راشد خان، فضل الحق فاروق، ويسٽ انڊيز جو نڪولس پوران ۽ آسٽريليا جو مارڪوس اسٽوئنس به ٽيم آف دي ٽورنامينٽ ۾ شامل آهن جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي اينرڪ نورٽي کي ٽيم جو ٻارنهون رانديگر رکيو ويو آهي.
ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل کيڏندڙ انگلينڊ جو ڪو به رانديگر ٽيم آف دي ٽورنامينٽ ۾ جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو.
T20Worldcup2024 Final IndvsSA ICC