ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ايم ڪيو ايم اڳواڻن طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تي بيان بازي تي معافي وٺڻ ۽ گورنر سنڌ جي استعيفيٰ جومطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ سُڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي واري وزير پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن دوران شرجيل ميمڻ چيو منهن ٽوڙ جواب اسان کي به ڏيڻ ايندو آهي.
هن چيو ته قسم کڻي چوان ٿو ته ايم ڪيو ايم ڪڏهن به باظابطا ملاقات ۾ ڪوٽا سسٽم ختم ڪرڻ جو مطالبو ناهي ڪيو.
سندس چوڻ هو شهيد ڀٽو تي ملڪ کي ورهائڻ جو الزام لڳائڻ شرمناڪ آهي.
هن چيو ته متحدا جي رابطا ڪميٽي ۾ اڌ کان وڌيڪ سرڪاري ملازم ويٺا آهن، ماضي ۾ سمورا ٽارگيٽ ڪلرز واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي جا ملازم هوندا هئا جن جو واسطو ايم ڪيو سان هو، خالد مقبول جي سياسي حيثيت ٻڙي آهي.
ان موقعي تي ناصر شاهه چيو ته اسان سمجهون پيا ته ايم ڪيو ايم وارن نفرت جي سياست تان هٿ کڻي ورتو آهي پر اِهو پڇ سدائين ڄٻو رهندو.
SindhGovt MQM NasirShah Sharjeelmemon