فلم ڪالڪي 500 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري ورتو

27 جون تي رليز ٿيندڙ سائنس فڪشن فلم ”ڪالڪي 2898 AD“ صرف آچر ڏهاڙي ئي 85 ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا.
فلم جي زبردست اوپننگ ويڪ ڪليڪشن جو سڀ کان وڌيڪ حصو تيلگو اسڪريننگ وڌو.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته انهي فلم ۾ سڄي دنيا کان 1000 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪرڻ جو امڪان آهي.
سپر اسٽار پرڀاس جي فلم ڪالڪي AD 2898 هندستاني سينيما ۾ ٽئين سڀ کان وڏي اوپنر بڻجي باڪس آفيس تي تاريخ رقم ڪئي آهي.
فلم پنهنجي پهرين ڏينهن ئي عالمي سطح تي 191 ڪروڙ رپيا ڪمائي KGF2 ، سالار، ليو، ساهو ۽ ٻين فلمن کي به عالمي اوپننگ رڪارڊ ۾ پوئتي ڇڏي ڏنو.
واضح رهي ته فلم RRR هاڻي به 223 ڪروڙ رپين جي اوپننگ ڪليڪشن سان گڏ سڀ کان وڏي انڊين اوپنر فلم آهي، جنهن بعد 217 ڪروڙ رپين جي ڪليڪشن سان گڏ فلم باهوبلي 2 جو ٻيون نمبر آهي.
Kalki Showbiz India

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.