”سياسي معاملن ۾ فوجي مداخلت قبول ناهي”: جي يو آءِ پاران ٻيهر چونڊن لاءِ جدوجهد جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ): جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي امير  مولانا فضل الرحمان نئين چونڊ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سياسي معاملن ۾ مداخلت فوج جي حلف جي ابتڙ آهي، اهڙي مداخلت قبول نه ٿا ڪري سگهون.  فضل الرحمان چيو ته مرڪزي مجلس شوريٰ ڪنهن باضابطه اتحاد جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي پليٽ فارم تان جدوجهد جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ جي يو آءِ (ف) جي مرڪزي مجلس شوريٰ جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن دفاع جو مسئلن هجي ته قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي، جڏهن ته سياسي معاملن ۾ نثار ان جي حلف جي نفي آهي. اسان هن مداخلت کي قبول نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته عزم استحڪام آپريشن ڪامياب نه ٿيندو، ڇو ته رد الفساد آپريشن تائين سمورن آپريشنز ۾ دهشتگردي جي شرح ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته مسئلو ڪنهن سياسي پارٽي کي راضي ڪرڻ جو ناهي، پرامن ۽ شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن، اسان جا مطالبا انتهائي سنجيده آهن، جيڪڏهن  اسان سان ڳالهين ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڀليڪار ڪنداسين. پي ٽي آءِ قيادت ۾ هڪڙي موقف جو فقدان آهي. هن چيو ته اڄ به اسان پنهنجي هاڪاري روين تي قائم آهيون، پي ٽي آءِ سربراهه اڃا تائين ڪنهن به ڳالهين واري ٽيم جو اعلان نه ڪيو آهي، سُني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا به چيو هو ته جي يو آءِ سان اتحاد نٿو ٿي سگهي، اسان کي ٻن تڪراري راين جي ڪري  ڏکيائي محسوس ٿي رهي آهي، اسان کي بهتر سياسي ماحول پيدا ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي. هن چيو ته مرڪزي مجلس شوري ان ڳالهه کي ورجائي ٿي ته سمورن ادارن کي پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته رياست فاٽا جي عوام سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا آهن، ڇا ان کي اهو احسان آهي، اسان تي لازمي آهي ته اسان رياستي ادارن خلاف زبان نه کوليون پر هو ڪڏهن عوام جي اميدن کي پورو ڪندا؟ مولانا چيو ته اسان پاڪ چين لاڳاپن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا پر هن وقت تائين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ چين جو اعتماد بحال ناهي ٿيو. فضل الرحمان چيو ته آمريڪي ڪانگريس 8 فيبروري جي چونڊن کي شڪي قرار ڏنو، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي رياست ڪٿي بيٺي آهي، پرڏيهي پاليسي ڪٿي بيٺي آهي، ڇا اها پاڪستان جي سفارتي ناڪامي ناهي، ڇا اها پاڪستان جي لابنگ جي ناڪامي ناهي؟ هن چيو ته مرڪزي مجلس شوريٰ ڪنهن باضابطه اتحاد جو انتظار ڪرڻ بغير پنهنجي پليٽ فارم تان جدوجهد جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

JUI maulanafazalurrehman NewElection

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.