ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محنت ڪرڻ تي ڪاميابي ضرور ملندي آهي، پر ان چوڻي کي ڪيترن ئي فنڪارن به سچ ڪيو آهي.
بالي ووڊ جي اداڪارا نورا فتيحي به ان لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي.
بالي ووڊ ۾ ڪنهن به ٻاهران ايندڙ شخصيت لاءِ جاءِ ٺاهڻ ايترو سولو ناهي هوندو.
قابليت هجي ته اوهان ڪجهه به ڪري سگهو ٿا. اهڙو ئي نورا جو سفر به آهي جنهن تي سڀ حيران ٿيندا آهن.
جيتوڻيڪ هو مقبول ٿي چڪي آهي پر ان جي باوجود پنهنجي جدوجهد جاري رکيو پئي اچي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ هو ان مقام تي پهتي آهي جتي پهچڻ سولو نه آهي.
نورا فتيحي کي پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ ريئلٽي شو ۾ به ڏٺو ويو هو.
نورا فتيحي بگ باس سيزن 9 ۾ به شامل هئي جنهن بعد ماڻهن کيس نوٽ ڪرڻ شروع ڪيو.
بگ باس کان اڳ نورا باهوبلي جهڙي سپر هٽ فلم ۾ ڪم ڪري چڪي هئي پر پوءِ به هو مقبوليت لاءِ سڪي رهي هئي.
نورا هڪ بهترين ڊانسر آهي، سندس سڀ کان وڌيڪ مقبوليت هن جي ڊانس ئي آهي. فلم ستيا ميو جيتي ۾ پنهنجي دلبر گاني سان کيس سٺي مقبوليت ملي هئي. گاني کي شوقينن طرفان ڀرپور موٽ ملي هئي.
دلبر تي رقص ڪندڙ نورا 6 فيبروري 1992 تي ڪينيڊا ۾ ڄائي، هو ڊانسر هجڻ سان گڏوگڏ ماڊل به آهي، جڏهن پهريون ڀيرو ڀارت پهتي هئي ته وٽس رڳو 5 هزار رپيا هئا.
ان ڳالهه جو انڪشاف اداڪارا پاڻ هڪ انٽرويو ۾ ڪيو هو.
ڪو زمانو هو جڏهن نورا ٽيلي ڪالر ۾ ڪم ڪندي هئي، هو ڪنهن وقت ۾ ٽڪيٽون وڪرو ڪندي هئي. اهڙو انڪشاف به هن پنهنجي انٽرويو ۾ ڪيو هو.