جاپان ۾ هولوگرافي ٽيڪنالاجيءَ تي مشتمل نوان ڪرنسي نوٽ جاري ٿيندا

جاپان ۾ نوان بينڪ 3 جولاءِ تي جاري ڪيا پيا وڃن، اهي دنيا جا پهريان اهڙي ڪرنسيءَ وارا نوٽ آهن جن ۾ هولوگرافيءَ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو آهي.
هولو گرافي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هنن نوان ڪرنسي نوٽن تي تاريخي شخصيتن جا 3 ڊي پورٽريٽ موجود آهن، جيڪي نوٽن سان گڏ حرڪت محسوس ڪندا.
اها جاپان ۾ 20 سالن ۾ ڪرنسي نوٽن جي ڊيزائن ۾ ڪئي ويندڙ پهرين تبديلي آهي، 10 هزار، 5 هزار وارن نون نوٽن ۾ نمبرن کي وڏو ڪري پرنٽ ڪيو ويو آهي ته جيئن سمورا ماڻهو انهن کي آساني سان سڃاڻي سگهن.
جاپان ۾ 500 کان وڌيڪ ڪمپنين جي بنياد رکڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ واري Eiichi Shibusawa جو چهرو 10 هزارين جي نوٽ تي موجود هوندو، جڏهن ته ٽوڪيو اسٽيشز جي عمارت بيڪ تي موجود هوندي.
5 هزارين جي نوٽ تي Umeko Tsuda نالي عورت جو چهرو موجود هوندو، هن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ جاپان جي عورتن جي سماجي رتبن کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪيو هو.
Japan New Currencies

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.