اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) 10 جولاءِ کان اڳ بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته نئين مالي سال ۾ بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائي سبسڊي ڪنٽرول ڪئي وڃي ۽ نئين قرض پروگرام لاءِ اڳواٽ شرطن تي عمل ڪيو وڃي، امڪان آهي ته آءِ ايم ايف جو وفد جولاءِ جي ٻئي هفتي ۾ پاڪستان ايندو.
هوڏانهن ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي هدايت تي ٺهي آهي ۽ ايندڙ قرض پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو جولاءِ ۾ ٿي ويندو.
imf pakistan pmln