ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس موبائل حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
پوليس ذريعن موجب موبائل انڊس هاءِ وي تي پيٽرولنگ دوران ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي.
ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ٻڌايو ته حادثي ۾ 4 پوليس اهلڪار فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا، زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي حادثي ۾ اهلڪار فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
kandhkot sindh pakistan