ابوجا (ويب ڊيسڪ) نائجيريا ۾ شادي تقريب مبينا آپگهاتي ڌماڪي سان ماتم ۾ تبديل ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب نائجيريا جي اتر اوڀر رياست بورنو ۾ شادي جي تقريب دوران زوردار آپگهاتي ڌماڪو ٿيو.
انتظاميا ٻڌايو ته شڪي آپگهاتي حملي آورن گووزا جي علائقي ۾ شادي، جنازي ۽ اسپتال تي حملا ڪيا.
اختيارين موجب ڌماڪن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب ڌماڪن کانپوءِ رياست ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڌماڪن جي ذميواري اڃا تائين ڪنهن به قبول ناهي ڪئي.
nigeria abuja africa