واٽس ايپ ۾ گروپ چيٽس لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف

واٽس ايپ مئي 2024ع ۾ ڪميونٽيز لاءِ ايونٽس نالي فيچر متعارف ڪرايو هو.
هاڻي انهيءَ فيچر کي اهڙن گروپس لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي، جيڪو ڪميونٽيز جو هصو ناهي.
ميسيجنگ ايپ جي انهي نئين فيچر سان واهپيدارن کي ڪنهن گروپ چيٽ دوران ايونٽ آرگنائز ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
واهپيدارن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ يا تقريب جي منصوبا بندي ڪرڻ آسان ٿي ويندي ۽ وڌيڪ ايپس جي ضرورت به نه پوندي.
ويب ٽين انفو جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو فيچر هاڻي واٽس ايپ جي اينڊرائڊ بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
هر ماڻهو ڪنهن گروپ چيٽ ۾ ايونٽ فيچر کي استعمال ڪري سگهندو ۽ گروپ ۾ شامل هر ماڻهو انهيءَ کي ڏسي به سگهندو.
ايونٽس جو هر گروپ کي انفارميشن پيج به رکيو ويو ويندو، جڏهن ته ايونٽ جي تاريخ ويجهو اچڻ تي واهپيدارن کي هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي آگاهي به ڏني ويندي.
Whatsapp New Feature

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.