محرم الحرام: سي اي او واٽر ڪارپوريشن جون شهرين کي سهولتون فراهم جون هدايتون

ڪراچي (پ ر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد محرم الحرام جي موقعي تي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا خاص انتظام ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
سي اي او واٽر ڪارپوريشن جي هدايتن تي پي ايس او سيد سردار شاھه لاڳاپيل اختيارين کي خط جاري ڪندي چيو ته محرم الحرام جي موقعي تي ضلعي انتظاميا، چونڊيل عوامي نمائندا ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا خاص ڪري شيعا علماءِ ڪرام ۽ جعفري الائينس جي مرڪزي اڳواڻن سان مڪمل رابطي ۾ رھندي ساڻن ڀرپور سهڪار ڪن.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته محرم الحرام دوران سڄي شهر خاص طور مسجدن، امام بارگاهن، مجلس گاھن، سبيلن ۽ جلوس جي رستن تي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا بھتر انتظام ڪيا وڃن ۽ سمورن کليل مين هولز تي رنگ سليب ۽ ڍڪ رکي سيوريج جي اوور فلو کي ختم ڪيو وڃي، مين روڊن ۽ عوامي هنڌن تي پاڻي جي ليڪيجز کي بند ڪيو وڃي، خاص ڪري محرم الحرام جي جلوسن جي رستن کي مڪمل صاف رکيو وڃي ته جيئن شهرين ۽ عزادارن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن ڏيڻو نه پوي.
ان کانسواءِ انچارج هائيڊرنٽس سيل کي هدايتون ڏيندي چيو ويو ته محرم الحرام جي موقعي تي ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداران سميت مسجدن، امام بارگاهن، مجلس گاھن، سبيلن ۽ جلوسن جي رستن تي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ واٽر ٽينڪرز فراهم ڪيا وڃن، سمورن چيف انجنيئرن ۽ سپرنٽينڊنگ انجنيئرن کي پابند ڪيو وڃي ته سڄي شهر ۾ پاڻي جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عملي جي ڊيوٽي جون لسٽون فراهم ڪيون وڃن ۽ سمورا ايگزيڪيوٽو انجنيئرز پنھنجي ماتحت عملي سان گڏ هاءِ الرٽ رهن ته جيئن ڪنھن به ھنگامي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي.
ايگزيڪيوٽو انجنيئر ورڪشاپ کي هدايتون جاري ڪندي چيو ويو ته شهرين جي سهولت لاءِ سموري مشينري کي هر وقت تيار رکيو وڃي، سڪشن ۽ جيٽنگ مشينن جي آپريشن کي هموار ڪرڻ لاءِ ڊرائيورن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي.
سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين جو چوڻ هو ته محرم الحرام جي انتظامن جي سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.
ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب محرم الحرام جي انتظامن جي سلسلي ۾ چيف انجنيئر واٽر محمد علي شيخ، چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ورڪشاپ ڊويزن شفقت حسين ۽ هائيڊرنٽس سيل لاءِ فوڪل پرسن شھباز بشير کي فوڪل پرسن طور تي نامزد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.